جوڻيون جيءَ جهانَ جُون  (ڪتاب)

جوڻيون جيءَ جهانَ جُون (ڪتاب)

جوڻيون جي جهان جون

جوڻيون جيءَ جهانَ جُون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر سرڪش سنڌيءَ جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ سندس غريبيءَ جي دور جي وارتائن جو ذڪر به ڪيل آهي. سندس آتم ڪٿا، جيئن نالي مان ظاهر آهي، ڪافي تڪراري رهي آهي. آتم ڪٿا جو پهريون جلد 272 صفحن تي مشتمل آهي. ڪچي جلد جي قيمت 200 رپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 250 رپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ 2007ع ۾ زخمي پبلڪيشن ڊکڻ ڇپائي پڌرو ڪيو. آتم ڪٿا جو ٻيو جلد به ساڳي نالي سان 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ مصنف پاران درج ڪجهه ڳالهين سبب مٿس سخت تنقيد ٿي. سماجي ڪارڪنن ۽ ليکڪن جامي چانڊيي ۽ امر سنڌوءَ مٿس ڪيس به داخل ڪيو. هن ڪتاب سرڪش سنڌيءَ جي مزاحمتي ۽ قومي شاعر واري حيثيت کي ڪافي ڌڪ رسايو، 215 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 225 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو